حاجي امام بخش چانڊو

حاجي امام بخش چانڊو

حاجي امام بخش چانڊو

حاجي امام بخش چانڊو: امام بخش چانڊو'>حاجي امام بخش چانڊو ڪراچيءَ جو مشهور ٺيڪيدار ۽ سماجي ڪارڪن ٿي گذريو آهي. ڪراچيءَ جي اسپينسر اکين جي اسپتال ۽ ريڊيو پاڪستان جون عمارتون سندس ٺهرايل آهن. امام بخش چانڊو'>حاجي امام بخش چانڊو سلاوٽي مارواڙي هو ۽ ڪراچيءَ جي رنڇوڙ لائين جي ’مارواڙي لين‘ ۾ رهندو هو. 1950ع کانپوءِ رنڇوڙ لائين جو نالو تبديل ڪري محمد هاشم گزدر جي نالي پٺيان ’گذدر آباد‘ رکيو ويو. سلاوٽ سنگتراشيءَ واري فن ۾ مهارت رکندڙ هئا، جنهنڪري ڪراچيءَ ۾ ٺهندڙ پٿرن وارين اڪثر عمارتن جا ٺيڪيدار ۽ مزدور سلاوٽ هوندا هئا، انهن پنهنجي محنت سان ڪراچيءَ جي ترقيءَ ۾ بنيادي ڪردار ادا ڪيو. حاجي امام بخش نهايت ئي ايماندار ۽ مذهبي ماڻهو هو، هيءَ چئن سالن تائين ڪراچي ميونسپالٽيءَ جو ميمبر، حج ڪاميٽيءَ جو ميمبر ۽ صدر ۽ ’مسلم مارواڙي سلاوٽ جماعت‘ جو ڪيترن سالن تائين صدر رهيو. ان کانسواءِ هيءُ سنڌ مدرسه بورڊ ۽ محمدن ايجوڪيشن ڪاميٽيءَ جو ڪيترا سال ميمبر ۽ سنڌ مدرسه اولڊ بوائز ايسوسيئيشن جو صدر پڻ رهيو. سندس ئي ڪوششن سان سنڌ مدرسي اولڊ بوائز ائسوسيئيشن پاران هر سال ڪراچيءَ ۾ فٽ بال ٽورنامينٽ ڪرائي ويندي هئي، جنهن جي حاصل ٿيندڙ پئسن مان هي سنڌ مدرسي جي غريب شاگردن جي مالي مدد ڪندو هو. حاجي امام بخش پنهنجي برادريءَ جي غريب شاگردن کانسواءِ سنڌ مدرسي جي ٻين غريب شاگردن کي به مفت ڪتابن ڏيڻ جو بندوبست ڪندو هو. هو ڪيترن ئي فلاحي ادارن جي سربراهه طور خاموشيءَ سان انهن ادارن، سماجي تنظيمن ۽ غريب ماڻهن جي مدد ڪندو هو. هن 1920ع ڌاري گنبذ سان ٽه ماڙ عمارت تعمير ڪرائي، ان کي ريسٽ هائوس ڪيائين. جيئن ڪراچيءَ کان ٻاهر جا ايندڙ ماڻهو هتي اچي رهي سگھن ۽ وڏن هوٽلن جو خرچ کين ڀرڻو نه پوي. امام بخش چانڊوءَ جا سائين جي. ايم سيد ۽ سر شاهنواز ڀٽي سان دوستاڻا تعلقات هئا، سندن ئي صحبت سبب هو سياست ۾ آيو. سائين جي. ايم سيد پنهنجي ڪتاب ’پنهنجي ڪهاڻي، پنهنجي زباني‘ ۾ هڪ هنڌ لکي ٿو ته فيبروري 1931ع ۾ گارڊن ڪوارٽرس، منگھي پير روڊ وارو بنگلو ڇڏي حاجي امام بخش چانڊوءَ وٽ بلڊنگ سعيد منزل جي ڀر ۾ اچي رهيس. هن ڪراچيءَ جي ريڊيو پاڪستان جي عمارت سميت 12 عمارتون ٺهرايون، جن جا گنبذ خوبصورت ۽ مشهور هئا، انهن مان ’امام بخش چانڊو'>حاجي امام بخش چانڊو‘ بلڊنگ پهرين نمبر تي هئي. امام بخش چانڊو'>حاجي امام بخش چانڊو ميوا شاهه قبرستان لياريءَ ۾ مدفون آهي، سندس ٺاهيل ادارا ۽ عمارتون اڄ به ڪراچيءَ ۾ پنهنجو اوج برقرار رکيو بيٺيون آهن.


لفظ حاجي امام بخش چانڊوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو